بيجنگ -05 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آهي ته تائيوان ڏانهن آم??يڪي هٿيارن جي وڪري جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا، ان حوالي سان آم??يڪا سان سخت احتجاج پڻ ڪيو آهي، برطانوي خابرو اداري مطابق چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان تان ڪيفي گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته آم??يڪا تائيوان کي هٿيارن جي وڪري جي معاملي ۾ چين جي بنيادي خدشن کي نظر انداز ڪيو آهي، چين جي اندروني معاملن ۾ اها هڪ سنگين مداخلت آهي ۽ ڄاڻي واڻي تائيوان ۾ ڇڪتاڻ کي هوا ڏني وئي آهي. ياد رهي ته پينٽاگون گذريل هفتي چيو هو ته آم??يڪي پرڏيهي کاتي 440 ملين ڊالرن تائين جا 2 ڌار ڌار معاهدا ڪيا آهن، جنهن ۾ تائيوان ک?? گولا بارود ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي امڪاني وڪري جي م??ظوري ڏني هئي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن