ڪينبرا – 09 اپريل (اي پي پي) آسٽ??يل??ا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي ته هن اسرائيلي وزيراعظم بجمن نيتن ياهو کي رفح تي اسرائيلي جي زميني حملي جي باري آسٽ??يل??ا ک?? ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي. سڊني مارننگ هيرالڊ جي رپورٽ مطابق آسٽ??يل??ي وزيراعظم چيو ته رفح ۾ اسرائيلي فوج جي زميني ڪارروائي جي نتيجا جيڪي شهري آبادي لاءِ هوندا ان تي آسٽ??يل??ا کي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسرائيل طرفان غزه جي رهواسين کي اتر کان ڏکڻ طرف وڃڻ لاءِ چيو ويو هو، پهي انهن کي مرڪز کان ڏکڻ طرف وڃڻ لاءِ چيو ويو، غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين جي نتيجن ۾ صاف ??اڻ??، خوراڪ ۽ بنيادي سهولتن تائين رسائي نه هجڻ سبب ماڻهن کي شديد مشڪلات جو سامهون آهي ۽ ان صورتحال ۾ هاڻي هو ممڪنه زميني حملي جو به سامهون ڪري رهيا آهن. آسٽ??يل??ي وزيراعظم چيو ته غزه ۾ ڪم ڪرڻ وارن آمريڪي امدادي اداري ورلڊ سينٽرل ڪچن جي قافلي تي حملي ۾ هڪ آسٽ??يل??ي عورت شهري زومي فرينڪام سميت 7 ڄڻن جي مارجڻ جي واقعي جي مذمت اسرائيلي کي غزه لاءِ اضافي ڪراسنگ پوائنٽ کولڻ تي مجبور ڪيو پر سوال اهو آهي ته اسرائيل ان ڪراسنگ پوائنٽس کان غزه لاءِ امداد وڃڻ جي اجازت ڇو نٿو ڏئي.
اسرائيلي وزيراعظم کي رفح تي زميني حملي جي باري ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي: آسٽريلوي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل