اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفا??ي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سالياني ترقياتي اسڪيمن جي معاملن ۽ بجيٽ تياري کي حتمي شڪل ڏ??ڻ ۽ منظوري بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ چين ايف ٽي اي تحت خصوصي فورس جي تربيت جي معاهدي، انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل جي پرزائيڊنگ آفيسر جي مقرري، وفا??ي ڪابينا جي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونل جي چيئرمين جي مقرري ۽ ليگل پريڪٽيشنر ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوائن جي لائيسنس، رجسٽريشن، تش??ير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ايڊمنسٽريشن آف پراپرٽي رولز ۾ تجويز ڪيل ترميمن بابت قانوني معاملن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2