اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ??يرقانوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد جي ??تفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي ??جلاس ۾ پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آ??ي ته سينيٽ آف پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي ??يرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪرڻ کي ورجائي ٿو جنهن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي ??يرانساني قبضي کي برقرار رکڻ آهي. هي ايوان زور ڏي ٿو ته ڀارت جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هي ايوان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي پاران ڪوويڊ 19 جي ??المي وبا جو فائدو کڻندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئون ڊوميسائيل قانون متعارف ڪرائڻ جي مذمت ڪري ٿو جنهن جو مقصد هندوتوا جي ??يجنڊا کي اڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آ??ي ته ڀارت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ ڀارت جي هٿياربند فوج پاران ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ قيد ڪرڻ جي قدمن جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي آهي.
سينيٽ پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز