اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذر??عي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو. پنهنجي ??وئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي ??ڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي ??ابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذر??عي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس ج?? هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذر??عي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشميرين جو آواز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي ??ستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک