اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ صحيحن واري تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ?? ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مز??ري?? تعليم ۽ پي??يوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبا??ند?? ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ?? ٽيڪنالاجي واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.
صدر چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت