اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ?? نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته آزادي ص??افت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحافين جي تحفظ جي بل ۾ م??ڊي?? ورڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي به شامل ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ م??ڊي?? جي ??رڪرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ?? نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي ص??ارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر عرفان صديقي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ جي بل تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا آهيون جنهن جو مقصد صحافين جي شڪايت جي ازالي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو، هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، هن چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي ص??ت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، اسان م??ڊي?? يونينز ۽ جوائنٽ ايڪش?? ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، هن چيو ته اليڪٽرانڪ م??ڊي?? ورڪز جي تحفظ جي ??اءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته حڪومتي کاتن طرفان جيڪي به ادائيگيون م??ڊي?? کي اشتهارن جي ??د ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته م??ڊي?? مالڪن ايترو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته م??ڊي?? ورڪرز جون پگهارون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي ص??افين لاءِ فائديمند ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا به ڪميشن ٺهي ان کي بااختيار ڪيو وڃي، هن چيو ته م??ڊي?? ورڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.
آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے