اسلام آباد – 11 في??روري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي ??ابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي سامهون رکندي ??مريڪا سان بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا. اهي ڳالهيون هن ٽيڪسلا ۾ اورينج في??ٽيول تقريب کي خطاب ڪندي ڪيُون. پرڏيهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر سفيرن جي وڏي تعداد ان اورينج في??ٽيول ۾ شرڪت ڪئي، في??ٽيول ۾ گنڌارا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان مختلف اسٽالز لڳايا ويا، پرڏيهي وزير في??ٽيول ۾ لڳايل اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ منتظمين جي ڪوشش?? کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙن في??ٽيول جي انعقاد سان پاڪستان جي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ويجهو اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستا?? کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي پر بدقسمتي سان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي ??ي لعنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان نه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾، پنهنجي اقتصادي ??رجيح?? کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي ??ابط?? کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانستان جي عبوري حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته اسان پنهنجي مفاد?? کي سامهون رکندي ??مريڪا سان پنهنجا بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا، چين سان اسان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون موڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪيمپ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هندستان سميت سمورن پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي رکون ٿا، پر بدقسمتي سان هندستان سرڪار جي هندوتوا سوچ پوري خطي جي امن ۽ اما?? کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندستان جي اندران هڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪار جي ناقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.
پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ