اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري، نالائق، نااهل، فاشٽ، ڪرپٽ ۽ چورن کي ??وام جلسي لاءِ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي ته ان ۾ حڪومت ڪٿان اچي وئي؟ جيڪڏهن عوام کين جلسي لاءِ نجي ملڪيتي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته ان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو ڪهڙو قصور آهي، عمران نيازي چاهي ٿو ته رانا ثناءُ الله زور زبردستي نجي ملڪيت تي جلسي جو بندوبست ڪرائي، عوام عمران خان جي غلام نه آهي، حڪومت قانون تحت اها جاءِ عمران نيازي کي ??لسي لاءِ نٿي ڏئي سگهي جيڪا نجي ملڪيت آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسيحي برادري پنهنجي جڳهه جلسي جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ڇو ته اها جاءِ عبادت لاءِ مخصوص آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان مسيحي برادري جو احترام ڪري، غن??ا گردي نه ڪري، هن چيو ته مسيحي برادري سراپا احتجاج آهي، حڪومت انهن جي احتجاج کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عمران نيازي مذهبي منافرت پکيڙي انهي جاءِ تي ڇو جلسو ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گورنمينٽ مري ڪاليج گرائونڊ ۽ اسپورٽس جمنازيم پسرور تي جلسو ڪرڻ جي تجويز ڇو قبول ناهي؟ ان جو صاف مطلب آهي ته عمران نيازي صرف ڊراما ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو مقصد صرف تماشو لڳائڻ آهي، هن چيو ته مسلم ۽ غير مسلم مذهبي اڳواڻ عمران نيازي کي ??مجهائين ته مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪري.
عمران خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن