اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت 45 مهينن ۾ ملڪي تاريخ جي 71 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 79 سيڪڙو قرضن ۽ رهتن ۾ اضافو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو ته رڪارڊ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪل ملڪي قرض 24953 ارب رپين مان وڌي 44366 ارب رپيا ٿ?? ويو، جيڪو 78 سيڪڙ?? اضافو آهي. هن چيو ته مجموعي قرضن کانسواءِ رهتون 79 سيڪڙ?? اضافي سان 29879 ارب رپين مان وڌي 53544 ارب رپيا ٿ?? ويون. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ گذريل 71 سالن ۾ شامل سمورن قرضن ۽ رهتن ۾ 3.75 سالن ۾ 79 سيڪڙ?? اضافو ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی