سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ح??يت اڳواڻن ۽ تنظيمن قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ڪشميرين جي عزم کي ورجايو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق ل??ءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ل??ءِ جاري جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جي ڪردار ۽ عزم ۽ استقلال کي ڪشميري عوام سدائين ياد رکندي. ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جنهن جي سربراهي غيرقانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻ شبير احمد شاهه ڪري رهيو آهي، سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته خودمختياري جي حق ل??ءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ سيد علي گيلان?? جو بي مثال ۽ شاندار ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو، ڪشمير ڪاز جي ل??ءِ بزرگ اڳواڻ جي اڻٿڪ خدمتن کي ڪشمير جي تاريخ ۾ ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، سيد علي گيلاني هڪ ارڏو اڳواڻ هو جنهن ڪشمير تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪيو، بي آواز ڪشميرين جو آواز بڻيو ۽ پنهنجي نظريي تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن مشتاق احمد، سيد منظور احمد شاهه، سيد اعجاز رحماني ۽ راجا شاهين اسلام آباد ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو آهي ته سيد علي گيلاني عزم ۽ حوصل?? جو پيڪر ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ثابت قدمي جي علا??ت هو، سيد علي گيلاني هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ نظريي ۽ تحريڪ جو نالو آهي، سندس جدوجهد، جرئت ۽ قربانيون دنيا جي انهن مظلوم ۽ ڪمزور قومن کي حوصلو بخشنديون رهنديون جن جي آزادي وڏن ملڪن کسي ورتي آهي، سيد علي گيلان?? جو مشن ۽ نظريو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو.
غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن پاران قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار