اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وا??و صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي وا??و سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ناڻي وا??ي وزير اسحاق ڊار سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي، سنڌ جي و??ي وزير ناڻي وا??ي وزير کي غير معمولي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ناڻي وا??ي وزير ٻوڏ جي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.
وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن