اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آه??، جنهن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي، پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي آه?? ۽ پاڪستان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آه??، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري چين جي حڪومت ۽ عوام جي پاڪستان سان محبت جو واضح ثبوت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي ۾ چين جي حصيداري سان تعمير ٿيل ٿر?? نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت ??ين پاڪستان ۾ بجلي جي شارٽ فال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي مون سميت سڄي قوم چين جي حڪومت ۽ عوام جي ٿورائتي آه??. ملاقات ۾ چائنا اٽامڪ انرجي اٿارٽي (سي اي اي اي) جي وائيس چيئرمين ليوجنگ، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پا??گ چن شوئي ۽ لاڳاپيل چيني اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چين جي پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي. وفد وزيراعظم کي ڪي ٿري کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو.
چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا