اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، پاڪستان ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ايشيائي رياستن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار ر??بط?? قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان وچ ايشيا سان سياسي، اقتصادي ۽ تو??نا??ي جي شعبن ۾ ر??بط?? مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 تو??نا??ي منصوبو ويزن وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ڳالهائي رهيو هو. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي ر??بط?? آهن، تاجڪستان ۾ پاڪستان جو سفير تو??نا??ي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير تاجڪستان ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي ر??بط?? قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ??ارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ??اڪٽر عارف علوي محمد سعيد سرور کي تاجڪستان ۾ بطور پاڪستان جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀائر ملڪ تاجڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري.
تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏني وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ