اسلام آباد -03 جون (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير جي ترڪيه ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ تعميراتي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ دستياب موقعن جي ڳولا باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير پاڪستان ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان سڌو سنئون ڳالهين لاءِ جلدي پاڪستان جو دورو ڪندي. اطلاعات واري وزير چيو ته ان جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ سهڪار لاءِ گڏيل منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ آه??. و??يراعظم شهباز شريف سان ترڪيه ۾ ملاقات دوران ايبرو اوزدمير گلوبل انج??يئ??نگ گرلز (جي اي جي) پراجيڪٽ جي حوالي سان تفصيلن جي ڏي وٺ ڪئي. گلوبل انج??يئ??نگ گرلز پراجيڪٽ نيڪسٽ جنريشن بابت عورت انج??يئ??ز، ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم، رهنمائي ۽ ڪيريئر جا موقعا فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ هي منصوبو تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي انج??يئ??نگ ۽ رياضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي تجربو فراهم ڪندو ۽ کين پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائيندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير جي ترڪيه ۾ ملاقات، تعميراتي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ دستياب موقعن جي ڳولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری