ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ و??ري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھ?? ته بائيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي، طوفان جو اطلاع ملندي ئي سنڌ جي وڏي وزير اُ??ھن علائقن جو دورو ڪيو، جن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھ?? ته ڪراچي ۾ ماڻھو ڪوشش ڪن ته گھرن کان غير ضروري طور ٻاھر نه نڪرن، ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي ۽ ماڻھن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي جو سلسلو اڃا به ج??ري آھي. ھن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي اپيل آھ?? ته اُھي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪلائوڊ برسٽ به ٿي سگھي ٿو?? ڪوبه شخص تفريح لاءِ سمنڊ جو رُ?? نه ڪري، عوام حڪومت سان سھڪار ڪري. ھن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھ سامونڊي طوفان جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رھڻ جو چيو آھي، سمورن اسيمبلي ميمبرن جو فرض آھ?? ته اُھي عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ٻاھر نڪرن۔
بائيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي: شرجيل ميمڻ
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب