اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت ک??ن مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت ک??ن مٿانهان قتل کي بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جامع مسجد ??ي مهتمم ۽ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع ک??ن مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کان وڌيڪ هفتن کان جامع مسجد ۾ جمعي جي اجتماعن کي خطاب نه ڪري سگهيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪيو وڃي جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اسان ڪشميري نوجوان اڳواڻ بره??ن مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي ويندي. برهان واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت ک??ن مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي مقامي تحريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت ک??ن مطالبو ڪريون ٿا ته اها عدالت ک??ن مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌانڌند استعمال کان پاسو ڪري.
پاڪستان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب