گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳي زمين ک?? استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي گهڻن مس??لن جو حل علائقي ۾ سيڙ??ڪا??ي سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن ک?? سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگران وفاقي وزير، گلگت بلتستان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي قيادت نگران وزيراعظم کي مختلف مس??لن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي جو معاملو بحث هيٺ آيو. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ک?? وفاق پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن ک?? پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رستي تي گامزن ٿيندي. گلگت بلتستان ڪابينا جي وزيرن نگران وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙ??ڪا??ي ۽ ڪاروبار جي فروغ لاء?? تجويزون ڏنيون. نگران وزيراعظم عملدارن ک?? گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي گهڻن مس??لن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙ??ڪا??ي سان واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن ک?? سختي سان منهن ڏنو ويندو.
گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ