اسلام آباد -01 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ??سر??ئيل جي جارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار ٺهراءَ پ??ش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چي?? ويو آهي، ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي اجلاس م انسانيت خلاف ??سر??ئيلي ڏوهن ۽ رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي. پاڪستان جو هي ايوان اعلان ڪري ٿو ته ٻي عالمي جنگ جي هولوڪاسٽ بعد ڪو به ملڪ ان قسم جي بربريت ۽ اهڙي وڏي پيماني تي قتل عام ۽ جنگي ڏوهه جو مرتڪب ناهي ٿيو. ٺهراءَ ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ ??سر??ئيل جي حمايت ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ منافقت جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مخالفت ڪندي ڏوهه ۾ شريڪ آهن. هي ٺهراءُ پاڪستاني عوام جي جذبن ۽ فلسطيني مسئلي تي فلسطين جي عوام جي پاڪستان طرفان مسلسل حمايت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. ٺهراءَ م چي?? ويو آهي ته هي ايوان غزه ۾ فوري جنگبندي، ??سر??ئيل پاران ناڪابندي جي خاتمي ۽ غزه جي شهرين کي دوائن،خوراڪ، پاڻي ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي غزه تائين رسائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان مسلمان امت جي مقدس ماڳن جي بي حرمتي لاءِ ڪيل سموريون ??سر??ئيلي ڪارروائيون بند ڪرڻ، ۽ ??سر??ئيل جي جارحيت ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ٿو. ايوان ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.
سينيٽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار، اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺهراءُ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa