جده-25 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ڀارت تي زور ڀريو آهي ته هو ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل سمورا غير قانوني قدم واپس وٺي ۽ اتي انساني حقن جون منظم خلاف ورزيون روڪي. برطانوي اخبار موجب او آءِ سي جي فلسطين ۽ القدس معاملن بابت اسٽيٽ سيڪريٽري ج??رل سمير بڪر سيڪريٽري ج??رل حسيم ابراهيم طه طرفان جاري بيان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي پڙهي ٻڌايو. او آءِ سي جي سيڪريٽري ج??رل صحت جي خرابي سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، جده ۾ او آءِ سي ج??رل سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ منعقد هڪ تقريب ۽ تصويري نمائش ?? ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. او آءِ سي جي سيڪريٽري ج??رل حسين ابراهيم طه زور ڀريو ته ڌرين وچ ۾ بامعنيٰ ڳالهين سان گڏوگڏ عالمي برادري جي تعميري شموليت ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ضروري آهي. پيغام ?? ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ او آءِ سي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.تقريب ۾ او آءِ سي جي ميمبرن ملڪن جي نمائندن، سفارتڪارن، او آءِ سي عملدارن ۽ ميڊيا جو وڏو انگ موجود هو. پاڪستان جي مستقل نماندي فواد شير چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدمن کانپوءِ گذريل چئن سالن ۾ ڪشميرين جي بدترين حالتن ۾ ڪي??رائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪشمير تڪرار ڊگهي حل وارن عالمي تڪرارن مان هڪ آهي، هن چيو ته اسان جو ملڪ ڪشمير تڪرار تي او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٽر حمايت جي واکاڻ ڪري ٿو.جده ۾ پاڪستان جي قونصل ج??رل خالد مجيد چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کانپوءِ ڪشميرين جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، هن چيو ته ڄمون ڪشمير عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪرار آهي، او آءِ سي ڪشميرين کي انهن جو حق خود اراديت ڏيارڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري، ڪشمير ڪميٽي جده طرفان به ڪشميرين جي خودمختياري لاءِ او آءِ سي جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ويو.
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جا غير قانوني قدم واپس وٺي ۽ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري: او آءِ سي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر