گڏيل قومون -01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريش اسرائ??لي جيلن ۾ قيد هزارين فلسطيني شهرين سان غير انساني سلوڪ اختيار ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي ان تي سخت صدمي جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان گذريل سال آڪٽوبر بعد مردن، عورتن، ٻارڙن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ فلسطينين جي وڏي انگ کي ح??است ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ انهن مان اڪثريت کي بنان ڪنهن الزام يا داخل ڪيسن جي ح??است ۾ رکيو ويو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر (او ايڇ سي ايڇ آر) جي آفيس جي رپورٽ م??ابق فلسطيني قيدين سان بدسلوڪي، تشدد ۽ غير انساني سلوڪ اختيار ڪندي کين انتهائي افسوسناڪ حالت ۾ رکيو ويو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر پنهنجي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو آهي ته سندس آفيس ۽ ٻين ادارن طرفان گڏ ڪيل شاهديون فلسطيني قيدين سان اسرائ??لي اهلڪارن جي خوفناڪ سلوڪ جن ۾ واٽر بورڊنگ ( پاڻي ۾ ٻوڙڻ) ۽ مٿن ڪتا بڇڻ جهڙين ٻين ڪاررواين جي نشاندهي ڪن ٿيون جيڪي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهن. رپورٽ م??ابق 07 آڪٽوبر 2023ع کان هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 53 فلسطيني قيدي اسرائ??لي فوجي جيلن ۽ ٻين هنڌن تي مارجي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي ح??است هيٺ قيدين ۾ فلسطيني پناهگيرن کي امداد پهچائيندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي ( يو اين آر ڊبليو اي) جو عملو به شامل آهي. جن کي فلسطيني شهرين کي اسڪولن، اسپتالن، ۽ رهائشي عمارتن ۾ پناهه ڏيندي ح??است ۾ ورتو ويو آهي. فلسطيني قيدين کي قيد دوران کاڌي ۽ پاڻي کان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ کين ننڊ به نه ٿي ڪرڻ ڏني و??ي ۽ بجلي جا ڪرنٽ به ڏنا وڃن ٿا. بدترين ڳالهه اها آهي ته ڪجهه قيدي عورتن ۽ مردن کي جنسي تشدد جو پڻ نشانو بڻايو وڃي ٿو.
اسرائيلي جيلن ۾ قيد هزارين فلسطيني شهرين سان غير انساني سلوڪ جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ جاري، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاران صدمي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی