اسلام ??باد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) ص??ر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن ۽ اهي لاڳاپا مسلمان امت ۽ انسانيت جي بهتري جو سبب بڻجندا. هن اها ڳالهه ترڪ مذهبي معاملن جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن پروفيسر ڊاڪٽر محمت گورمز جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ ترڪ سف??ر بابر گورگن پڻ موجود هئا. صدر چيو ته وفدن جي مسلسل مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان امام ??اطب اسڪول سسٽم قائم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيون ٿا ۽ ترڪيءَ ۾ اسلامي يونيورسٽي جي طر?? تي قائم ٿيندڙ يونيورسٽي سان ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش