اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس کي تعليمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ، گاڏيون نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي ۽ حڪمران بادشاهن واري زندگي گذاريندا رهيا، ملڪ جو قرض 28 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، آئون عوام کي ٻڌائيندس ته اي??رو پئسو ڪيڏانهن ويو، وزيراعظم هائوس کي تعليمي ادارو بڻايو ويندو، گورنر هائوسز، وزيراعليٰ هائوسز ۽ ريسٽ هائوسز ۾ عوام جو پئسو خرچ ڪيو وڃي ٿو اتي سادگي اختيار ڪئي ويندي، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ تي پا?? سخت نظر رکندس، گهرو وزارت مون وٽ هو??دي، سرڪاري ملازمن جي لاءِ جزا ۽ سزا جو قانون لاڳو ڪيو ويندو، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي لاءِ هٿ ونڊرائين، چيف جسٽس بيواهن جا ڪيس تر??يح?? بنيادن تي ٻڌي، پوليس ۾ سڌارا آندا ويندا، ملڪ ۾ بچت جي لاءِ ڊاڪٽر عشرت حسين جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي. قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون پنهنجي پهرين سڀني ڪارڪنن جا ٿورا مڃيان ٿو جيڪي 22 سال اڳ هن تحريڪ ۽ هن جهاد ۾ مون سان گڏ هئا، سياست ٻن قسمن جي هو??دي آهي هڪ ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ٻيون منهنجو رول ماڊل قائداعظم محمد علي جناح هو جيڪو هڪ مشن جي لاءِ سياست ڪندو هو جيڪو اسان جي نبي حضرت محمد صه مديني شريف جي رياست ۾ اچي هڪ مشن طور دنيا جي تاريخ ۾ انقلاب کڻي آيو.
ملڪ ۾ سادگي اختيار ڪئي ويندي، قرض جو بار وڌي ويو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری