اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌو جيل ويندا، رستن تي نڪري عمران خان کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ??واب ڏسندڙ ناڪام ٿيندا، مخالف ڌر جو مسئلو جمهوريت ناهي ڪرپشن بچائڻ آهي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ان لاءِ مخالف ڌر کي حڪومت ڪيرائڻ جي جلدي آهي، ڪجهه عنصر سمجهن ٿا ته انهن جي ??رضي جيڪو ڪن ۽ انهن کان ڪير به پڇي نٿو سگهي، بليڪ ميل ڪرڻ جي ??اءِ فيفٽ جي حوالي سان قانونسازي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي، نواز شريف ٻاهر وڃڻ لاءِ منٿن جو ??ستو اختيار ڪيو، اهي ماڻهو ڀارت جو ??يجنڊا کڻي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، نواز شريف پاڪ فوج کي پنجاب پوليس ٺاهڻ چاهي ٿو، فوج تي اڱريون کڻندڙن کان پڇان ٿو ته مون کي فوج کان ڇو ڪو مسئلو نه آهي، دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج تي فخر هجڻ گهرجي، ڪو به ملڪ قانون جي بالادستي کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، وڪيلن کي قائداعظم جي ??قش قدم تي هلڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن انصاف لائرز فورم جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.
مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌو جيل ويندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : راکی