اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪ??متي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ اسپيشل تيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاج?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، خيبرپختونخواهه جي آءِ ٽ?? واري صوبائي وزير عاطف خان، بلوچستان جي صنعت واري صوبائي وزير حاجي محمد خان طور، پنجاب جي آءِ ٽ?? واري صوبائي وزير همايون ياسر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، پنجاب جو وڏو وزير، بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ٻين صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي اجلاس کي ملڪ ۾ مختلف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ انهن زونز ۾ سيڙپڪارن کي ميسر سهولتن ۽ مراعتن بابت تفصيلي بر??فنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو مقصد ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، غيرملڪي س??ڙپڪاري، افرادي قوت جو فروغ، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ روانگ?? واپار کي وڌائيندي درآمدات جو متبادل پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪارن کي وفاقي حڪ??مت پاران فراهم ڪيل مراعتن ۽ سهولتن بابت تفصيلي بر??فنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪ??متي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪ??مت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر اها سهولت فراهم ڪري رهي آهي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ميسر اچي ٿي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري برادري جي س??ولت لاءِ ون ونڊو آپريشنز کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کان بچائي سگهجي. وزيراعظم صوبائي حڪ??متن کي هدايت ڪئي ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ايڪسپو جهڙي موقعي جو ڀرپور فائدو کنيو وڃي ۽ ملڪ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ ملندڙ موقعن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي.
حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار