اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد افغانستان ک?? خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو وڌيڪ فعال راهدارين مان هڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جا??ي زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اخبار موجب بيلٽ اينڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچي جي ترقي جي رٿا آهي جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن ک?? پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گ??يل مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادريءَ جي تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي برادريءَ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ??ين??ڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه افغان عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ڀائيواريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته طالبان عالمي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري رهيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آهن ته اهي افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان ک?? يقين ڏياريو آهي ته اهي دهشتگردن ک?? افغان ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ??ين??ا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.
سي پيڪ سان جڙڻ سبب افغانستان کي حاصل ٿيندڙ صنعتي، ڊجيٽل، سماجي ۽ معاشي فائدا ملڪ جي نئين سر تعمير ۽ افغان عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا: چائينا ڊيلي
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil