راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان جاپان جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طو?? تي انساني امداد ۾ سهڪار/شراڪتداري ??ي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري ??عبي آءِ ??يس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي جاپان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ??ه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چي?? انساني بحران کي روڪڻ لاءِ ??فغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري ??و?? تي هڪ اداره جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرمي چيف افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي چي?? ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام لاءِ ??روري ??هي ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ ??مورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي پاڪستان جي ڪردار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ??اص ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان جاپان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر