ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي ت??اون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي اعليٰ ??طحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ??هو اتفاق راءِ شنگهائي ت??اون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اج??اس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغزستان جي صدر موسمياتي ت??ديلين جي ڪري پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي صدر زاپروف جا ٿورا مڃيا ۽ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ڪيو. هن موسمياتي ت??ديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي اهميت ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو حصو نه آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ويجهي ت??اون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اعليٰ ??طحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اج??اس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ڪرغزستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏامن جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغزستان جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي ت??ليمي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ٻنهي ڌرين اعليٰ ??طحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر زاپروف کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ، اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil