اسلام آباد -04 فيبر??ري (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته يوم يڪجهتي ڪشمير جو ڏهاڙو اڄ پ??ري قومي عزم ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڄ آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان آزاد ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رهندڙ بهادر، غيور ۽ آزادي جي متوالي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪندو. هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ڪشمير تڪرار تي رياست پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. سڌ سماءُ واري وزير چي?? ته شهباز شريف جي هدايت تي يوم يڪجهتي ڪشمير سڄي ملڪ ۾ ڀرپور جذبي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، مريم اورنگزيب چي?? ته يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. تعليمي ادارن ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ سرگرميون به ترتيب ڏنيون ويون آهن ۽ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا.
يوم يڪجهتي ڪشمير پوري قومي جذبي سان ملهائينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر