بيجنگ-03 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت يوڪرين بحران کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوڪرين بحران جي سياسي حل تي ”چين جو موقف“ جي عنوان سان هڪ جامع دستاويز جاري ڪيو آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان ڊيجارڪ جو چوڻ هو ته چيني حڪومت طرفان تجويز ڪيل پروگرام هڪ ??هم خدمت آهي، جنهن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي ڌمڪي جي مخالفت جي تجويز خاص طور تي ??هم آهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي سياسي ماهرن تازو ئي ان دستاويز تي مثبت تبصرا ڪيا آهن. سربيا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ايوان مرڪ چيو ته چين هن وقت هڪ انتهائي ??هم دستاويز جاري ڪيو جنهن ۾ جنگ بندي ۽ جنگ جي خاتمي ۽ امن ڳالهين جي آغاز جو مطالبو ڪيو ويو، هي يوڪرين جي بحران جي سياسي حل جو رستو بڻائي ٿو ۽ مسئلي جي پرامن حل جي ڳولا ۾ سمورين ڌرين لاءِ هڪ منصوبو فر??هم ڪري ٿو. هن چيو ته منهنجي راءِ ۾ اهو قدم هڪ وڏي ملڪ جي حيثيت سان چين جي ذميواري کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو عالمي سطح تي ان جي سياسي اثر رسوخ سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جرمني جي هيسن رياست جي يورپي ۽ عالمي معاملن جي کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ چائنا انٽرنيشنل انويسٽمينٽ پروموشن سينٽر(جرمني) جي سينئر ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر مائيڪل بورچمين جو خيال آهي ته چين جو موقف دستاويز يوڪرين بحران جي خاتمي لاءِ واضح تجويزون پيش ڪري ٿو، هن چيو ته اسان يورپ ۾ نئين ورهاست نٿا چاهيون، اسان ڪو نئون تڪرار نٿا چاهيون، اسان امن کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا، شنگهائي ۾ پولينڊ جي اڳوڻي قونصل جنرل شافش چيو ته اثر رسوخ جي دائرن لاءِ تيز چٽاڀيٽي پوري دنيا ۾ خاص طور تي ايشيا پيسفڪ، وچ ۽ اوڀر يورپ ۽ ٻي?? خطن ۾ آمريڪا جي وڌندڙ مهم جوئي جو سبب بڻجي آهي، آ??ريڪا يوڪرين بحران جي ذريعي روس ??ي ڀڙڪايو ۽ آبنائي تائيوان جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري چين کي ڀڙڪائيندو رهيو آهي، آ??ريڪا پهنجي وڃايل حيثيت کي ٻي??ر حاصل ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
يورپي مبصرن جي يوڪرين بحران تي چيني موقف جي پذيرائي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ