اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام الحاق ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ ??هن??ڙ ڪشميرين سان پنهنجي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هي ڏينهن 1947ع ۾ سرينگر ۾ ٿيندڙ ڪنو??نش?? ۾ آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس پاران هڪ قرارداد جي منظوري جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ ڪشمير کي پاڪستان سان ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ ڏکڻ اي??يا ۾ ڪڏهن به پائيدار ام?? حاصل نه ڪري سگهبو ۽ ان جي حقيقي ترقي جي صلاحيت مان موقعو نه کڻي سگهبو.
وزيراعظم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي عزم جو ورجاءُ، عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس