اسلا?? آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران وفاقي وزير محم?? علي ۽ توانائي واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي ??ڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ بجلي چوري سڀ کان وڏو عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي ??ريس ڪانفرنس بجلي چوري بابت آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جي ??ـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ??اءِ کنيل قدمن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان مو??عي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.
نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا