اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي لکيل خط ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب صدر پنهنجي خط ۾ لکيو ته پا??ستان ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ قابل اعتماد چونڊن ج?? لاءِ اتفاق راءِ آهي، سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام کي انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آهي. صدر ا?? حوالي سان پا??ستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ا??وب خان پاران مليل خط پڻ موڪليو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جمهوريت ئي پا??ستان ج?? رياست ۽ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو آهي، ماڻهن ج?? سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ آزاد ميڊيا جي ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ئي جمهوريت جو روح آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته اهو انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ نگران ح??ومت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ غيرجانبدار ڌر طور ڪوششون ڪري. هن چيو ته ان ڏس ۾ نگران ح??ومت جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي نگران وزيراعظم جا تازا بيان اطمينان ج??ڳا آهن. هن چيو ته پا??ستان ج?? آئين ج?? آرٽيڪل 41 تحت صدر جو عهدو، ملڪي سربراهه جي حيثيت سان ج??هوريه جي اتحاد جي علامت آهي، آئين موجب سمورن ادارن سميت صدر ۽ وزيراعظم شهرين ج?? حقن ج?? تحفظ ڪرڻ جا پابند آهن. صدر لکيو ته پا??ستان ج?? آئين ج?? آرٽيڪل 4 واضح طور تي بيان ڪري ٿو ??ه قانون موجب سلوڪ ڪرڻ هر شهري جو مڃيل حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين ج?? آرٽيڪل 17 موجب سياسي پارٽي جي ميمبرشپ يا تنظيم سازي ڪرڻ هر شهري جو حق آهي. صدر چيو ته آئين ج?? آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ آزاد پريس جو حق ڏي ٿو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خط، آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ