اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي پاران انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ يورپين يونين جي نمائندن جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان مل??قات جي دعوائن کي رد ڪر?? ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير جو چوڻ هو ته ان دعويٰ ۾ ذري برابر به سچائي نه آهي پر اهو هڪ سينيئر سياستدان جو ذهني فتُور آهي. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته هُو اهڙي طر?? جي رپورٽس جاري ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل عملدارن کان تصديق ڪر?? وٺي.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری