نيويارڪ -26 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان پريڊ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نيويارڪ سٽي جي ميئر ايرڪ ايڊم، آمريڪن پاڪستاني پبلڪ افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين ??اڪ??ر اعجاز احمد ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين شرڪت ڪئي. اڪثر پاڪستاني قومي لباس ۾ هئا. نيويارڪ جي ميئر ايرڪ ايڊم پاڪستانين جي ميڙاڪي جي آجيان ڪئي ۽ کين يوم آزادي جون مبارڪون ڏنيون. هنن پاڪستان زنده باد ۽ قائداعظم زنده باد جي نعرن وچ ۾ چيو ته پاڪستاني برادري جو دوست آهيان ۽ هميشه رهندس. پريڊ جي قيادت ن??ويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ جي هڪ يونٽ ۽ بينڊ ڪئي. نيويارڪ پوليس ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني آمريڪين جي هڪ گروپ پڻ پريڊ سان ما??چ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ