اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شا??د خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شا??ل ٿيڻ لاءِ پاڪستان وٽ بهترين موقعو آهي، حڪومت پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورين وفاقي ڌرين کي برابر موقعا فراهم ڪيا آهن، پاڪستان دهستگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏ??يون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 107 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس ۾ شريڪ سينيئر سول سرونٽس ??ان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاليسي سازي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ سول سرونٽس ??ي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهم معاملن تي توهان جي پيشيواراڻي راءِ ۽ ٽيڪنيڪل معاملن تي رهنمائي سياسي قيادت جي لاءِ انتهائي اهميت واري آهي.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا