اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) 309.558 ارب رپين جي لاڳت سان مهمند ??يم هائيڊرو پاور منصوبي ۽ پشاور موڙ کان نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس جي لاءِ بنيادي ڍانچي ۽ لاڳاپيل اڏاوتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايڪنڪ جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. ايڪنڪ 309.558 ارب رپين جي لاڳت سان مهمند ??يم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي منظوري ڏني جيڪو هڪ ڊگهي مقصد وارو منصوبو آهي جنهن سان 800 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار حاصل ٿيندي ۽ ان جي پاڻي ذخ??ري جي گنجائش 1594 ملين مڪعب ميٽر هوندي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن