اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ڪيس ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آه?? ۽ ??ڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ناٺي کي دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، اسڪينڊل ۾ افتخار چوڌري جي پٽ، ڌ?? ۽ ??يڻ جو نالو به آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ناٺي مرتضيٰ ??مج?? ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جو مالڪ آهي جيڪو دبئي فرار ٿي ويو هو، ان جي گرفتاري جا و??رنٽ نيب جاري ڪيا هئا، وزيراعظم عمران خان ڪيس جي حوالي سان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هاڻي پاڪستان جي اندر طاقتور جو به احتساب شروع ٿي چڪو آهي، وزيراعظم جي لاهور دوري جي موقعي تي ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جي متاثر ماڻهن وزيراعظم هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو