گڏيل قومون- 03 نومبر (اي پي پي) گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي لاڳو آ??ري??ا جي اقتصادي ۽ واپاري پابندين خلاف قرارداد کي وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي. آ??ري??ا ڪيوبا خلاف هي پابنديون پهريون ڀيرو 1960ع ۾ لڳايون هيون، ”ڪيوبا خلاف رياست متحد آ??ري??ا طرفان ل??ڳو اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي پابندين جي خاتمي جي ضرورت“ جي عنوان سان هر سال پيش ڪيل قرارداد جي حق ۾ جنرل اسيمبلي جي ميمبر 187 ملڪن ووٽ ڏنا صرف آ??ري??ا ۽ اسرائيل ان جي خلاف ووٽ ڏنو ۽ يوڪرين راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. راءِ شماري کان اڳ قرارداد تي مسلسل ٻن ڏينهن تائين بحث ٿيو. جنرل اسيمبلي سمورين رياستن کان ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل ق??من جي چارٽر ۽ عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميوارين موجب پابنديون ل??ڳو ڪندڙ اهڙن قانونن ۽ قدمن کي لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري. ڪيوبا جي پرڏيهي وزير برونو روڊ ريگوز پاريلا چيو ته سندن ملڪ خلاف آ??ري??ا طرفان 60 سال اڳ لاڳو ڪيل پابنديون ڪيوبا جي سمورن حقن جي خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪيوبا جي 80 سيڪڙو آبادي پنهنجي سڄي عمر سندن ملڪ تي آ??ري??ا طرفان ل??ڳو پابندين جي حالت ۾ گذاري چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندن ملڪ خلاف آ??ري??ي پابنديون اقتصادي جنگ آهن ۽ سندن مقصد ملڪ ۾ حڪومتي ۽ آئيني نظام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. گڏيل ق??من ۾ پيرو جي سفير لوئس يوگاريلي چيو ته اهي پابنديون گڏيل ق??من جي چارٽر ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن خلاف آهن.
ڪيوبا تي آمريڪي پابندين خلاف قرارداد جنرل اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania