رياض -20 نومبر (اي پ?? پي) سعودي عرب جا 2 جهاز غزه لاءِ امدادي سامان کڻي مصر پهچي ويا آهن. سعودي اخبار مطابق شاهه سلمان مرڪز غزه جي متاثرن ڏانهن امدادي سامان فراهم ڪرڻ لاءِ خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي ع??د جي هدايتن تي فضائي پل قائم ڪئي آهي. ان سلسلي تحت 13هون ۽ 14هون جهاز سعودي عرب کان مصر جي العريش انٽرنيشنل هوائي اڏي تي پ??تا. العريش هوائي اڏي تان امدادي سامان زمين رستي غزه پهچايو پيو وڃي. سعودي عرب جي 13هين جهاز ذريعي 2 وڌيڪ ايمبولينسون روانو ڪيون و??ون آهن، مجموعي طور تي 20 ايمبولينسون اماڻيون و??نديون. اهڙي ريت 14هين جهاز ذريعي به 2 ايمبولينسون اماڻيون و??ون آهن. ٻنهي جهازن تي امدادي سامان به روانو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ 12هين جهاز وسيلي کاڌي پ??تي جون شيون، دوائون ۽ طبي اوزار اماڻيا ويا هئا. 35 ٽن جو امدادي سامان اماڻيو ويو آهي.
سعودي عرب طرفان 2 جهاز غزه لاءِ امدادي سامان کڻي مصر پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر