واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته آمريڪي عملدار آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهن. ان شخص کي خالصتان ??ي حامي اڳواڻ گرو پتونت سنگهه پنن کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀارتي اهلڪار ڀرتي ڪيو هو. پرڏيهي صحا??ي جي سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجمان چيو ته ان معاملي جي آمريڪا ۾ به جاچ ٿي رهي آهي جنهن سبب ان تي وڌيڪ نٿا ڳالهائي سگهون. هن چيو ته جڏهن اهو مبينه واقعو اسان جي نوٽيس ۾ آندو ويو ته اسان پنهن??ي حڪومت جي اعليٰ ??رين سطح تان ڀارتي حڪومت کي اعليٰ ??طح تي اهو ??اض?? ڪري ڇڏيو ته اسان ان طرح جي معاملن ۾ تمام گهڻو سنجيده آهيون. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان ان جاچ جي نتيجن جا منتظر آهيون. ترجمان چيو ته آمريڪا ??اض?? ڪيو هو ته هو عالمي سطح تي جارحيت تي ٻَڌل قدمن جي مخالفت ڪري ٿو، چاهي اهو ڪٿي به ٿيو هجي يا ڪير به ان کي ڪري رهيو هجي ۽ ان جا اهي ريمارڪس صرف ڀارت نه ائين ڪندڙ دنيا جي ڪنهن به ملڪ لاءِ آهن. آمريڪي عملدارن مطابق ڀارتي سرڪاري ملازم جوابدار کي سک اڳواڻ بابت ڄاڻ جنهن ۾ فون نمبر، روزمره جي معمول ۽ گهر جي ايڊريس فراهم ??ئي ۽ ان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ لک ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ??ئي هئي.
آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ