نيويارڪ-23 فيبروري (اي ??ي پي) آمريڪي هوائي ڪمپني يونائيٽيڊ ايئر لائينز 7 آڪٽوبر کان غزه جنگ سبب اس??ائ??ل لاءِ معطل ڪيل لاءِ اڏامون ب??ال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. العربيه مطابق آمريڪي ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ مهيني کان اس??ائ??ل لاءِ اڏامون ب??ال ڪيون وينديون. هوائي ڪمپني يونائيٽيڊ ايئر لائينز وڌيڪ چيو آهي ته شروعاتي طور تي اڏامون نيويارڪ ۽ نيو جرسي کان تل ابيب لاءِ 2 ۽ 4 مارچ تي روانيون ڪيون وينديون. انهن اڏامن جي نان استاپ بحالي 06 مارچ کان ڪئي ويندي. ڪمپني وڌيڪ چيو آهي ته اڏامن جو شيڊيول تل ابيب جي سيڪيورٽي صورتهال موجب ترتيب ڏنو ويندو ۽ ان ۾ ضرورت موجب تبديلي ڪئي ويندي. واضح رهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري جنگ ۽ اس??ائ??ل جي فوج جي غزه تي گهيراءَ بعد کان وٺي آمريڪي ائيرلائين ۽ ان جي حريف ڪمپني ڊيلٽا پنهنجون اڏامون تل ابيب لاءِ معطل ڪيون هيون.
آمريڪي هوائي ڪمپني پاران اسرائيل لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا