مونٽريال-06 مارچ (اي پي پي)ڪينيڊا ۾ رهندڙ فلسطينين ا??را??يل کي هٿيار برآمد ڪرڻ تي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪينيڊين فلسطيني ڄاون شهرن ۽ انساني حقن جي وڪيل ا??را??يلي فوج کي هٿيار برآمد ڪرڻ تي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير ميلانيا جولي خلاف ڪينيڊا جي وفاقي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اهو قدم ملڪي ۽ عالمي قانونن موجب ڪينيڊا جي ذميوارن خلاف آهي. گذريل ڏينهن داخل ڪيل ڪيسن ۾ وفاقي عدالت کي ٻڌايوويو ته ڪينيڊا جي حڪومت ا??را??يل لاءِ تيار ڪيل فوجي سامان ۽ ٽيڪنالاجي لاءِ برآمدي اجازت نامو جاري ڪ??ڻ کان روڪڻ جو حڪم ??نو هو. عدالت اهو به چيو ته اهڙا اجازت ناما جاري ڪرڻ غير قانوني آهن.ڪيس داخل ڪندڙ ادارن ۾ شامل ڪينيڊين لائرز فار انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي بورڊ ميمبر هينري آف چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ته ڪينڊا پنهنجي معيار ۽ عالمي قانون ذميواري موجب ڪم ڪري. واضح رهي ته ڪينيڊا جي سرڪاري انگن اکرن ??وجب ڪينيڊا 2022ع ۾ ا??را??يل کي ڏيڍ ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا هٿيار برآمد ڪيا.
اسرائيل کي هٿيار برآمد ڪرڻ تي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير خلاف ڪيس داخل
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II