واشنگٽن -03 جولائي (اي پي پي ) آمريڪا جلد يوڪرين کي واڌو ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪندو. اها ڳالهه آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن پينٽاگون ۾ پنهنجي يوڪرين جي هم منصب رستم عمروف سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي دفاع واري وزير ان موقع?? تي چيو ته هو واشنگٽن ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ نيٽو سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ نيٽو جي رڪنيت جو رستاکولڻ جا قدم کڻنداسين. رائٽرز موجب آمريڪي دفاع واري وزير چيو ته نئين فوجي امداد تحت يوڪرين لاءِ جديد ترين هٿيارن جي پيڪج ۾ ٽينڪ شڪن هٿيار ۽ ??يئ?? ڊفينس انٽر سيپٽرز اين اي ايس ۽ پيٽرياٽ ??يئ?? ڊفينس انٽر سيپٽرز شامل هوندا. آمريڪا 2022ع کان يوڪرين کي 50ارب ڊالرن کان به وڌيڪ ماليت جي فوجي امداد فراهم ڪئي آهي پر 5 نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ جي صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد جي مستقبل بابت خدشا پيدا ٿي ره??ا آهن. ٽرمپ جي ٻن اهم م??ير?? ان کي هڪ اهم منصوبو پيش ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊون کٽي ويو ته يوڪرين جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين ان ۾ يوڪرين کي ٻڌائڻ شامل آهي ته ان کي وڌيڪ آمريڪي هٿيار رڳو ان صورت ۾ ملندا جڏهن هو روس سان امن جون ڳالهيون شروع ڪندو. ان تجويز سان جنگ بابت آمريڪي پوزيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان کي يورپي اتحادين ۽ ٽرمپ جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جي اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. يوڪرين جي دفاع واري وزير رستم عمروف ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ نئين فوجي امداد جي فراهمي جي فيصل?? تي آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان موقع?? تي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيٽو جي ايندڙ سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين کي دفاعي اتحاد جي رڪنيت ڏيڻ جي معامل?? تي اڳڀرائي ٿيندي.
آمريڪا جلد يوڪرين کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی