گڏيل قومون- 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تحت ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائي ان خطي مان تاريخي نا انصافين جو ازالو ڪرڻ تي زور ڀرين??ي چيو آهي ته اهڙي طرح ڪائونسل کي وڌائين??ي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جوابده بڻائي سگهجي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي اثرائتي نمائندگي وڌائڻ جي حوالي سان هڪ مباحثي دوران خيالن جو اظهار ڪن??ي چيو ته اسان آفريقا سان ٿيل تاريخي نا انصافين يعني ان تي قبض??، ڏاڍ، استحصال ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڍانچي ۾ گهٽ نمائندگي جو اعتراف ڪريون ٿا. پاڪستاني نمائن??ي چيو ته ??اڪستان آفريقا جي ان مطالبي سان اتفاق ڪري ٿو جيڪو ايزلويني اتفاق راءِ ۾ آفريقا جي خطي جي مساوي نمائندگي لاءِ طئي ڪيو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي چئن رياستن، ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان جي مطالبي کان بلڪل مختلف آهن جيڪي پنهنجي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا