بيروت – 20 س??پٽ??بر (اي پي پي) اسرائيل جي جنگي جهازن ڏکڻ لبنان تي وڏي پيماني تي شديد حملا ڪيا آهن، اهي حملا ان وقت شروع ٿيا جڏهن حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله پنهنجي خطاب ۾ لبنان ۾ اليڪٽرانڪ ماد?? جي ڌماڪن ۾ درجنين فوتگين ۽ هزارين ماڻه?? جي زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري رهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ??سرائيل جي فضائي حملن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي راڪيٽ لانچرز، هٿيار?? جي ذخيرن ۽ ٻين ٺڪاڻن سميت هڪ سو کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اهي حملا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيا جيڪي گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ شديد ترين هئا. انهن حملن سبب نقصانن جو فوري طور تي ڪو اطلاع ناهي مليو. لبنا?? جي سرڪاري خابرو اداري چيو آهي ته اسرائيل خميس جي شام ملڪ جي ڏکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 حملا ڪيا ۽ ل??نان اتر اسرائيل ۾ فوجي ٺڪاڻن تي به حملا ڪيا آهن.
اسرائيلي جنگي جهازن پاران ڏکڻ لبنان تي شديد حملا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ