سيئول-06 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ مارشل لا لاڳو ڪندڙ صدر يون سڪ يول جي پنهنجي ئي پارٽي سندس خلاف بغاوت ڪندي کيس ??هدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. حڪمران پارٽي جي سربراهه جمعي ڏينهن صدر يون سڪ يول کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته صدر پنهنجي عهدي تي رهيو ته خطرو آهي ته هو ملڪ ۾ ٻيهر مارشل لا لڳائڻ جي ڪوشش ڪري. يون سڪ يول جي پيپلز پاور پارٽي جي سربراهه هان ڊونگ هو?? هڪ بيان ۾ چيو ته نئين ا??رندڙ حقيقتن کي نظر ۾ رکندي سمجهان ٿو ته صدر يون سڪ يول کي فوري طور تي سندس عهدي تان هٽائڻ جمهوريه ڪوريا ۽ ان جي عوام جي تحفظ لاءِ ضروري آهي. ان کان ا?? هان ڊونگ هو?? صدر يون سڪ يول جي مواخذي جي مخالفت ڪئي هئي.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث