بيجنگ-10 مارچ (اي پي پي) چين جي پارليامينٽ شي جن پن?? کي چين جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊي ڇڏيو آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق شي جن پنگ جمعي ڏينهن ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجي ويو آهي. پارليامينٽ ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي 03 هزار جي لڳ ڀڳ ميمبرن دي گريٽ هال ۾ سي جن پن?? کي صدر چونڊڻ لاءِ گڏيل طور تي ووٽ ڏنو، سندس خلاف ڪو به مخالف اميدوار ڪون بيٺل هو. ووٽنگ اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي ۽ اليڪٽرانڪ ڳڻپ اٽڪل 15 منٽن ۾ مڪمل ٿي. شي جن پنگ ملڪ جي مرڪزي فوجي ڪميشن جي چيئرمين طور به ٽئين مدي ??اءِ چونڊجي ويو آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن زاليجي کي چيئرمين ۽ هان زن?? کي ملڪ جو نئون نائب صدر چونڊيو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل ٻئي شخص شي جن پنگ جي اڳوڻي ٽيم جا آهن.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada