گڏيل قومون- 07 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اولهندي ڪناري ۾ جنين پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل طرفان طاقت جي وحشاڻي استعمال جي ش??يد مذمت ڪئي آهي، آمريڪي خابرو اداري موجب هن چيو ته فوجي آپريشن ۾ اسرائيلي طاقت جو وحشياڻو استعمال مذمت جوڳو عمل آهي، جنين پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي اثرن تي ناراض انتونيوگوتريش چيو آهي ته هن آپريشن 100 کان ??ڌي?? شهري زخمي ٿيا آهن ۽ هزارين م??ڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو، اسڪولن ۽ اسپتالن کي نقصان پهتو، پاڻي ۽ بجلي جي نيٽ ورڪ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون، هن زخمين کي طبي امداد پهچائڻ ۾ رڪاوٽون وجهندڙ ۽ انساني همدردي جي ڪارڪنن کي هر ضرورتمند تائين پهچڻ کان روڪڻ تي پڻ اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن صحافين کي ٻڌايو ته مون شهرين خلاف تشدد جي ڪاررواين جي ش??يد مذمت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز