گڏيل قومون-29 مارچ (اي پي پي)انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) غزه ۾ خوراڪ پهچائڻ کي نه روڪڻ جي اسرائيلي دعويٰ جي واضح ۽ قانوني ??و?? تي مذمت ڪندي اسرائيل کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي ۽ هڪ مهيني ??ندر سمورن قدمن جي رپورٽ آءِ سي جي کي پيش ڪري. دي هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت حڪم ڏکڻ آفريقا طرفان ڪيل تازي درخواست جي جواب ۾ جاري ڪيو، جنهن ڊسمبر ۾ اسرائيل تي غزه ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳائيندي ڪيس پيش ڪيو هو. عدالت جي ججن جي هڪ پينل اهو فيصلو جنوري ۾ هڪ هنگامي قدم کانپوءِ جاري ڪيو هو جنهن ۾ اسرائيل کي هنگامي امداد جي فراهمي جو پابند ڪيو ويو هو. ججن چيو ته غزه ۾ فلسطينين کي بدترين حالتون درپيش آهن ۽ ڏڪار ۽ بک پکڙجي رهي آهي، ججن چيو ته عدالت مشاهدو ڪيو آهي ته غزه ۾ فلسطيني ??هري ڏڪار جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. عدالت پنهنجي قانوني ??و?? تي پابند حڪم ۾ اسرائيل کي چيو ته هو بنا ڪنهن دير جي گڏيل قومن سان مڪمل تعاون کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري ۽ موثر قدم کڻي جنهن ۾ فوري طو?? تي گهربل بنيادي خدمتون ۽ انساني ??مداد لاءِ سمورن لاڳاپيل ماڻهن طرفان وڏ?? پئماني ??ي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ طبي سامان جي بنا رڪاوٽ فراهمي شامل آهي.
اسرائيل غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي: انصاف جي عالمي عدالت جو حڪم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ